ڇٻلاڻي ميڊيڪل سينٽر سکر

ڇٻلاڻي ميڊيڪل سينٽر سکر

ڇٻلاڻي ميڊيڪل سينٽر سکر

ڇٻلاڻي ميڊيڪل سينٽر سکر: بڪين ۽ ٻين روڳي مرضن جي علاج لاءِ هي فلاحي ادارو، سنڌ انسٽيٽيوٽ آف يورالاجي اينڊ ٽرانسپلانسٽيشن (S.I.U.T) ڪراچيءَ جي شاخ طور 2009ع ۾ قائم ٿيو. سکر شهر ۾ معصوم شاهه جي مناري ڀرسان قائم هي ميڊيڪل سينٽر سکر ضلعي ۽ ان جي پسگردائي وارن ٻين علائقن: پنوعاقل، شڪارپور، خيرپور، گهوٽڪي، لاڙڪاڻو، ڪنڌڪوٽ، ڪشمور سميت بلوچستان جي ويجهن شهرن جي عام ماڻهن لاءِ مفت ۽ جديد علاج مهيا ڪرڻ واسطي قائم ڪيو ويو آهي، ڇٻلاڻي ميڊيڪل سينٽر سيٺ ليلا رام ڇٻلاڻيءَ جي نالي سان منسوب آهي. تازو سنڌ حڪومت هن سينٽر لاءِ 27 ايڪڙ زمين پڻ ڏني آهي.
S.I.U.T سکر ۾ بُڪين، مثاني جي نالين ۽ يوريٽر جي پٿريءَ جا مفت آپريشن ڪيا وڃن ٿا، بڪين جي مريضن جي مفت ۾ ڊائلاسز پڻ ٿيندي رهي ٿي. هتي روزانو پنج کان ڇهه سؤ غريب مريضن جو مفت معائنو، ٽيسٽون، الٽرا سائونڊ ۽ ايڪسري وغيره ڪيو وڃي ٿو. هن اداري ۾ بڪين جا ماهر فزيشن (Nephrologist) جگر جا ماهر ڊاڪٽر ۽ تربيت يافته عملو موجود رهي ٿو. هي ادارو ڪاروباري ۽ سرمائيدار شخصيتن جي مالي سهڪار سان جاري آهي. ڪراچيءَ جي هڪ سيٺ جديد آپريشن ٿيٽر لاءِ 6 ڪروڙ روپين جو چندو ڏنو آهي. اهڙي ريت سکر ۽ آسپاس جا خوشحال ماڻهو پڻ هن اداري جي ترقيءَ لاءِ ڪردار ادا ڪن پيا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو